جوکيو ڄام بجار خان

جوکيو، ڄام بجار خان: ڄام بجار خان جوکيو ڪلهوڙن جي دؤر جو وڏو بهادر ۽ جوان مرد ٿي گذريو آهي. هيءُ ڪلهوڙن جو خاص سپاهي هو. ڌاريجا ۽ سوري بنديءَ ۾ راڻو ارجن راءِ حڪمران هو، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي راءِ ارجن جي علائقي فتح ڪرڻ جو سوچيو. ان لاءِ بجار خان کيس منهن ڏيڻ جو ذمو کنيو. هن پنهنجي قبيلي (جوکين) مان ويهه بهادر جوان چونڊيا ۽ ويهن ئي ڄڻن کي پاڻ سان رات جي اونداهيءَ ۾ وٺي وڃي ارجن راءِ جي ٻيٽ ۾ پهتو ۽ راڻي ارجن راءِ کي ستل ڏسي اوچتو مٿس حملو ڪري ڏنائون، راڻو ارجن راءِ ۽ ان جا سڀ وفادار ساٿي قتل ٿي ويا، ان ريت اهو علائقو ڪلهوڙن جي قبضي ۾ آيو ۽ ڪلهوڙن، بجار خان کي ڄام جو لقب ڏئي، کيس حب نديءَ کان وٺي گهاري تائين جو علائقو رهائش لاءِ ڏئي ڇڏيو. ڪراچيءَ کان ٺٽي جيڪو به واپاري مال ايندو هو، ان جي محصول اڳاڙڻ جو به ڄام کي اختيار ڏنو ويو. جوکين جي سرداري اڄ به هن ئي خاندان وٽ آهي. ڄام بجار جوکيو 1211هه/1796ع ڌاري گذاري ويو. سندس وفات تي مير مائل ٺٽويءَ هيٺين ماده تاريخ چئي آهي:
”دادند جام رضوان بجام“ ها تفم گفت
1211هه/1796ع


هن صفحي کي شيئر ڪريو